پرهه جو پيغمبر

پرهه جو پيغمبر

پرهه جو پيغمبر

پرهه جو پيغمبر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري قومي اڳواڻ ۽ دانشور جي. ايم سيد جي يادگار تقريرن تي مشتمل آهي. جن کي نوجوان اديب مسيح ڪالاڻيءَ سهيڙي ڪتابي صورت ڏني آهي.
ڪتاب جي مرتب مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن تان جي. ايم سيد جون 16 تقريرون سهيڙيون آهن. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين جي. ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون. ڪتاب ۾ شامل تقريرن ۾:
(1) نئين سنڌ جو سفر، (2) روشن مستقبل جي تلاش، (3) ترقي پسند سنڌ اڏڻ جو خواب، (4) آزاد پاڪستان ۾ آزاد سنڌ،
(5) امن سڄي دنيا لاءِ، (6) ڀٽ شاهه: سنڌي ثقافت جو مرڪز، (7) سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ، (8) ون يونٽ: سنڌ جي وجود تي وار، (9) مظلوم قومن جو استحصال، (10) سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا، (11) سنڌو ديش جو قيام،
(12) سنڌ، بلوچستان ۽ پختونستان جي آزادي، (13) موجوده رياستي ڍانچو سنڌ لاءِ زهرِ قاتل، (14) بلند اخلاق بهتر سياست، (15) دنيا کي تباهيءَ کان بچائڻو آهي ۽ (16) الوداعي تقرير شامل آهن. هي ڪتاب قومي اڳواڻن خان قريشي'>بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر ۽ پرچي وديار جي نالي ڪيل آهي. 144 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري، ڊسمبر 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو